پرسرام ارجن داس ڪمل

پرسرام ارجن داس ”ڪمل“: ليکڪ ۽ شاعر پرسرام ارجن داس ”ڪمل“ڪنڌڪوٽ ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. سندس جنم جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ڪمل جون ڪهاڻيون‘ (1955ع)،’سـڪ جي سوغات‘ (1960ع)،’پير ڪري پڇتايم‘ (1972ع)، ’امير غريب‘ (1973ع) ۽ ’ٻارڙا ڳچيءَ جا هارڙا‘ (1979ع) شامل آهن. بعد ۾ ڀارت هليو ويو، جتي الهاس نگر ۾ رهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو